welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۽ ڀارت کي ثالثي جي آڇ

نيويارڪ:(سومر 05 مئي 2025ع)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ ڀارت کي ثالثي جي آڇ ڪئي، ٻنهي ملڪن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي پريس ڪانفرنس ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ جنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. مان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪريان ٿو. انتونيو گوتريس چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. جنگ صرف صورتحال کي خراب ڪندي. پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ تڪرار عروج تي آهي. ٻنهي ملڪن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارتي فوج ملوث، گرفتار دهشتگرد جي موبائل فون ۽ ڊرون مان ناقابل ترديد ثبوت مليا هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تيزي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، ۽ پاڪستان ۽ هندستان کي علائقائي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته هو ڪنهن به اهڙي ڪوشش جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪا سفارتڪاري کي وڌائي ۽ امن قائم ڪري.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے