پئرس:(آچر 04 مئي 2025ع)فرانسيسي ميڊيا چيو آهي ته مودي حڪومت پهلگام فالس فليگ آپريشن ۾ حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪيو.
تفصيل موجب فرانسيسي ميڊيا چيو آهي ته مودي سرڪار پاران پهلگام واقعي جي جعلسازي ۾ حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪيو ويو ۽ انٽرنيٽ تي شيئر ڪيل وڊيوز ۾ ڏيکاريل ماڻهن جو پهلگام حملي سان ڪو به تعلق نه هو.
فرانسيسي ميڊيا چيو ته سوشل ميڊيا تي غلط وڊيوز ۽ تصويرون هندستاني حڪومت جي پٺڀرائي ۾ آهن.
فرانسيسي ميڊيا موجب، پهلگام ۾ هڪ جوڙي جي پراڻي وڊيو کي قتل ٿيل سياحن سان ڳنڍي غلط پيش ڪيو ويو. حملي کان پوءِ، ليفٽيننٽ نوروال جي سڃاڻپ سوشل ميڊيا تي غلط مواد سان ڳنڍي وئي.
فرانسيسي ميڊيا موجب، ڀارتي نيوز چينلز تي به غلط مواد نشر ڪيو ويو. جعلي خبرن جا متاثر پاڻ اڳيان آيا ۽ حقيقتون واضح ڪيون. وڊيوز ۽ تصويرن لاءِ مستند ذريعو نه هجڻ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته اهي جعلي آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language