رياض:(خمیس 15 مئي 2025ع)سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪئي آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گلف ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو ته کيس اميد آهي ته جنگ بندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪندي.
محمد بن سلمان چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جو به استقبال ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language