اسلام آباد:(خميس 29 مئي 2025ع)وفاقي حڪومت پاران سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ وڌيڪ تبديلي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عيد جي ڪري 7 ۽ 8 جون تي عام موڪل هوندي ۽ 9 جون، عيد جي ٽئين ڏينهن، کي ڪم جو ڏينهن قرار ڏيڻو پوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اقتصادي ڪائونسل ۽ اقتصادي سروي 9 جون، عيد جي ٽئين ڏينهن تي جاري ٿيڻ جو شيڊول آهي، پر اين اي سي ۽ اقتصادي سروي کي ساڳئي ڏينهن جاري ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير اين اي سي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته آزاد ڪشمير جو وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترقياتي پروگرام کي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي آهي، ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس سڄو ڏينهن جاري رهندو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته روايتي طور تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۽ بجيٽ پيش ڪرڻ جي وچ ۾ 2 ڏينهن جو وقفو هوندو آهي، ۽ حڪومت وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ کي ٻن ڏينهن تائين وڌائي سگهي ٿي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language