راولا ڪوٽ:(خميس 29 مئي 2025ع)آزاد ڪشمير جي راولاڪوٽ شهر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا، ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿيا.
پوليس موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آزاد ڪشمير جي راولاڪوٽ ضلعي جي حسين ڪوٽ علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي.
پوليس چيو ته فائرنگ جي تبادلي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا.
پوليس موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۽ گرنيڊ حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿيا.
ايس ايس پي راولاڪوٽ رياض مغل ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مارجي ويل چار دهشتگرد قتل جي ڪيسن ۾ گهربل هئا، ۽ آپريشن دوران ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿيا.
ايس ايس پي موجب، دهشتگردن حسين ڪوٽ ۾ هڪ ٻيلي جي غار ۾ پناهه ورتي هئي. ٻڌايو ويو ته شڪي آزاد ڪشمير ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language