ڪراچي:(خمیس 08 مئي 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. شهيد بينظير ڀٽو ميزائل پروگرام ڏئي پاڪستان کي ناقابلِ شڪست بڻايو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪ فوج جي ڀرپور ڪارروائيءَ ۾ 40 کان ڪيترائي ڀارتي فوجي مارجي ويا آهن. پاڪ فوج ڀارت کي ڇڻيءَ جو کير ياد ڏياري ڇڏيندي.
هن چيو ته ڀارت پاڪستاني ميڊيا بلاڪ ڪري ڇڏي ته جيئن عوام کي حقيقت جي خبر نه پوي. پاڪستان پهلگام واقعي تي ڀارتي الزامن کانپوءِ اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو هو، پاڪستان مظلوم ڪشميري ڀائرن سان هر مشڪل گهڙي ۾ گڏ رهيو آهي ۽ رهندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language