welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

موسميات کاتي عربي سمنڊ ۾ طوفان جي خطرو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي:(اربع 21 مئي 2025ع)موسميات کاتي عربي سمنڊ ۾ امڪاني سامونڊي طوفان جي خطري کان خبردار ڪري ڇڏيو. موسميات کاتي طرفان چيو ويو آهي ته عربي سمنڊ هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب سسٽم ٺهڻ جو امڪان آهي، سسٽم جو اتر ڏانهن وڌڻ ۽ شدت اختيار ڪرڻ جو امڪان آهي، ايندڙ 36 ڪلاڪن ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. عربي سمنڊ ۾ هوا جي گهٽ دٻاءَ جا اثر ڪراچي تي پوندا، جنهن سان ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان آهي. تازي ترين صورتحال موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ ڀارتي صوبي گجرات ڏانهن وڌڻ جا امڪان آهن. ان سامونڊي طوفان سان چوماسي سيزن کي هٿي ملندي، ٿي سگهي ٿو ته جون جي پهرئين هفتي ۾ به پاڪستان ۾ برساتون شروع ٿي وڃن. ان امڪاني صورتحال کي ڏسندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے