نئين دھلي:(آچر 04 مئي 2025ع)ماضي ۾ مودي حڪومت کي پنهنجي پاڙن تائين ڌڪيندڙ هاري تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پوري طاقت سان اڀري آئي آهي.
هندستان ۾ هارين جي احتجاجن جي هڪ نئين لهر شروع ٿي، حڪومت خلاف آواز هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آيا، ۽ راڪيش تاڪيت جي اڳواڻي ۾ هاري تحريڪ جي نئين جوش جا ملڪ گير اثر پوڻ لڳا.
هارين جو چوڻ آهي ته اسان جو پيغام واضح آهي: زمين، نوڪرين ۽ عزت جي جنگ اڃا ختم نه ٿي آهي. احتجاجي مارچ سياسي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته انتظاميا سخت پريشان آهي.
هزارين هارين ڀارتيه ڪسان يونين جي جهنڊي هيٺ دهلي ڏانهن مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. دهلي ڏانهن مارچ ڪندڙ هاري حڪومت جي پاليسين خلاف متحد آهن.
هارين جي واپسي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار جي ايوانن کي ڌڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ احتجاج جو دائرو وڌي رهيو آهي، جيڪو حڪومت تي دٻاءُ پڻ وڌائي رهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language