
ڪوئيٽا:(آچر 04 مئي 2025ع)بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي، ايم) جي صدر سردار اختر مينگل چيو آهي ته پارليامينٽ، عدليه ۽ ٻيا فورمز عوام کي حق ۽ تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.
رپورٽ موجب شاهواني اسٽيڊيم ۾ پارٽي جي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته اسان جي پارٽي پنهنجي سياست جي لاءِ حڪومت کان اجازت وٺڻ جي زحمت نه ڪندي، جڏهن حڪومت اسان کي احتجاج نه ڪرڻ جو چئي ٿي ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته هو پنهنجي غلط پاليسين کي ختم ڪن جيڪي ماڻهن کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون.
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن اختياريون ماڻهن ۽ بلوچ عورتن جي بي حرمتي ڪن ٿيون، نسل ڪشي ڪن ٿيون ۽ نوجوانن جا تشدد ٿيل لاش اڇلائين ٿا ته پوءِ اسان جي پارٽي ڪيئن خاموش رهي سگهي ٿي. هن آگاهه ڪيو ته اسان جي پارٽي فوجي ڇانوڻين جي ٻاهران احتجاج ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندي.
اختر مينگل عدليه کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته عورت اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن کي مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر آرڊيننس(ايم پي او( جي تحت غيرقانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو، عدالتون انصاف ڏيڻ جي بجاءِ تاريخون ڏئي رهيون آهن. هن دعويٰ ڪئي ته عدالتون قانون ۽ آئين جي بجاءِ سيڪٽر ڪمانڊرن جي مرضي موجب ڪيسز جو فيصلو ڪري رهيون آهن.
اجلاس کي بي اين پي(ايم) جي سينئر نائب صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ به خطاب ڪيو اجلاس جي مقررين ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي ڀيڻ اقرا بلوچ، وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي نصرالله بلوچ ۽ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ شامل هئا. هن ايم پي او جي تحت گرفتار ڪيل ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.
وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي چيئرمين نصرالله بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته ماڻهن کي جبري طور تي گم ڪيو پيو وڃي. جعلي مقابلن ۾ قتل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جي لاشن کي صوبي ۾ اڇلايو پيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language