welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حڪومت آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي اعليٰ حڪمت عملي تي آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(اڱارو 20 مئي 2025ع)وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، وفاقي ڪابينه آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنرل عاصم منير کي آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي اعليٰ حڪمت عملي ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ تي فيلڊ مارشل جو عهدو ڏنو ويو. پڌرائي موجب، ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ باوجود سندس خدمتون جاري رکڻ بابت به متفقه فيصلو ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے