لاھور:(جمعو 30 مئي 2025ع)خانيوال ريلوي اسٽيشن تي مسافر پل جو هڪ حصو ڪري پيو.
ريلوي ترجمان موجب، پل جو هڪ حصو ڪرڻ سان هڪ ريلوي ملازم فوت ٿي ويو ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
ريلوي ترجمان چيو ته بچاءُ آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ پل جي تعمير جو ڪم اڄ کان شروع ٿيندو.
ريلوي ترجمان وڌيڪ چيو ته ريلوي ٽريفڪ معمول مطابق هلي رهي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language