welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٿرڙي محبت ڀرسان نوجوان ناري ۽ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو سخت زخمي

ٿرڙي محبت:(ڇنڇر 17 مئي 2025ع)ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ منگي جا ڀاڻ ۾ سنڱاوتي تڪرار تان جانوري ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو. فائرنگ، ھڪ عورت سميت ٻہ ڄڻا قتل ھڪ زخمي ٿي پيو. فوتين ۾ ريلوي ڦاٽڪ راڌڻ جي رھواسڻ سپنا جانوري ۽ شيڊ انجڻ جو رھواسي خالد سولنگي شامل آھن. جڏھن ته ھڪ ڄڻو معشوق سولنگي پڻ زخمي ٿي پيو آھي. پوليس موجب اطلاع آھن ته جانوري ۽ سولنگي برادري جو سڱاوتي تڪرار تان ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو آھي. جڏھن ته فائرنگ ۾ ھڪ عورت سپنا جانوري ۽ ھڪ نوجوان خالد سولنگي قتل ٿي ويا آھن ۽ ھڪ ڄڻو معشوق سولنگي زخمي آھي جڏھن ته ناري سپنا جانوري جو لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھي. زخمي ۽ فوتي شخص کي تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو ويو آھي.پوليس موجب تہ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.علائقي ۾ چوٻول آھن تہ نوجوان معشوق سولنگي جنھن چار ڏينھن اڳ راڌڻ واسي ناري سپنا جانوري کي کڻي ويو ھو. جيڪو اڄ ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ وڃن پيا ته رستي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے