نئون ديرو:(ڇنڇر 03 مئي 2025ع)نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مبارڪ جيهو واسڻ پيرسن عورت بيبل زال مرحوم نواب خان جيهو مڙس ۽ پٽن جي وفات بعد ننڌڻڪي ٿي وئي، جنهن کي پوٽن گهران ڪڍي پارو ڳوٺ ڀرسان درگاهه عين الحق تي ڇڏي ويا، جتي کيس 3 ورھ گذري ويا آهن، درگاهه عين الحق تي عورت جو ننڍو پٽ نبيءَ ڏنو گادي نشينن جو خدمتگار آهي، پنهنجي ماءُ سان گڏ سخت سردي توڙي گرميءَ ۾ ڇپري هيٺان زندگي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهي. پوٽن پاران ڇڏي ويل پيرسن بيبل روئيندي ٻڌايو ته پوٽن وٽ منهنجا 25 تولا سونا زيور رکيل هئا، 165 جريب زمين ۽ گهرن تي به هنن قبضو ڪري ڇڏيو آهي،هن ٻڌايو ته آئون ڌامراهه ڳوٺ کان پرڻجي ڳوٺ مبارڪ جيهو ۾ وئي هيس جنهن ڪري مونکي ڌاريو ليکي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته ڌامراهه ۾ هن وقت موجود ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، علي گوهر جوڻيجو، ذوالفقار جوڻيجو، مظهر جوڻيجو منهنجا پفاٽ آهن، جڏهن ته ڊي آءِ جي فرحت به ويجهي عزيزن مان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language