welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عورت مارچ تي پرڏيهي فنڊنگ جا الزام بي بنياد آهن: شيما ڪرماڻي

حيدرآباد:(سومر 19 مئي 2025ع)عورتن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ نامور رقص نگار شيما ڪرماني چيو آهي ته عورت مارچ تي پرڏيهي فنڊنگ جا الزام سراسر غلط ۽ بي بنياد آهن، ڇو ته عورت مارچ پوريءَ طرح پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿيندو آهي. شيما ڪرماني پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته عورت مارچ مردن خلاف نه، پر ان ذهنيت خلاف آهي، جيڪا عورت کي گهٽ سمجهي ٿي. هن چيو ته ڪيترائي مرد اڄ به پاڻ کي عورتن کان وڌيڪ عقلمند سمجهن ٿا ۽ عورت مارچ ان سوچ کي بدلائڻ جي ڪوشش آهي. فنڊنگ بابت الزام رد ڪندي شيما ڪرماني چيو ته اسان ڪنهن کان به مالي مدد نٿا وٺون، ايتريقدر جو پاڻي جون بوتلون به مفت نٿا وٺون، پوسٽرز بابت وضاحت ڏيندي. هن چيو ته وڏا بينرز پاڻ ٺاهيون ٿا، جڏهن ته ڪي پوسٽر مارچ ۾ شامل ماڻهو پاڻ کڻي ايندا آهن ۽ اسان ڪنهن تي پابندي نٿا لڳايون ته هو ڇا لکيو آڻين. شيما ڪرماني پاڪستاني ڊرامن تي به تنقيد ڪندي چيو ته انهن ۾ غير حقيقي رشتا، ٻي شادي، سس جو منفي ڪردار ۽ ٽٽل خاندان جي تصوير پيش ڪئي وڃي ٿي، جيڪا معاشري جي درست عڪاسي ناهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے