welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهوٽڪي جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، ڪپهه جو فصل وقت تي پوکجي نه سگهيو

گھوٽڪي:(سومر 19 مئي 2025ع)گهوٽڪي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪپهه جو فصل وقت تي پوکجي نه سگهيو، هاري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. آبادگارن ميرڪوش ريگيوليٽر تي پهچي احتجاج ڪندي چيو ته هر سال جيان هن سال به وقت تي پاڻي نه ڏيڻ اسان جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. اسين حڪومت سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي وقت سر پاڻي ڏئي نقصان کان بچايو وڃي جئين اسين پنهنجا فصل پوکي سگهون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے