شھدادپور:(خمیس 08 مئي 2025ع)شهدادپور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اوطاق ۾ ويٺل ڳوٺاڻو قتل، ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، معاملو ڳجهارت بڻيل، خبر موجب ڳوٺ عثمان خاصخيلي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن اوطاق تي ويٺل پريل خاصخيلي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، نامعلوم جوابدارن همراهه کي مٿي ۾ گولي ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، ٻئي طرف پوليس واقعي واري ھنڌ جو جائزو وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿيڻ سبب معاملو ڳجهارت بڻيل آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي
0 تبصرے
Do not use vulgar language