
ڪوئيٽا:(اربع 21 مئي 2025ع)بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته رياست سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي هاڻ خاموش تماشائي جو ڪردار نه پر فيصلو ڪرڻو پوندو.
ڪوئٽه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته اڄ بزدل دهشتگردن خضدار ۾ اسڪول بس تي حملو ڪيو، دشمن جنگ جي شڪست ختم ڪرڻ لاءِ بلوچستان جي چونڊ ڪري سگهي ٿو پر دشمن ايترو ڪري پوندو جو هو معصوم ٻارن کي سافٽ ٽارگيٽ جي چونڊ ڪندو انهي جو اندازو نه هو.
هن چيو ته اسان جي ٻارن جو رت رائيگان نه ويندو. خضدار حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي چونڊي چونڊي ختم ڪيو ويندو. خضدار واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو جنهن به اها حرڪت ڪئي آهي حڪومت ۽ رياست انهن کي چونڊي چونڊي ختم ڪندي.
سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته ڀارتي پراڪسيز پابندي مڙهيل بي ايل اي ۽ بي ايل ايف ڀارت جي چوڻ تي معصوم ٻارن کي نشانو بنائي رهي آهي، اهي ماڻهو ڀارت کان پئسا وٺي ماڻهن کي نشانو بنائيندا آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته افغان عبوري حڪومت کي به ياد ڏياريان ٿو ته اوهان جي زمين هر ڀيري اسان جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي. دهشتگرد ڀارت جا سهولتڪار آهن. دهشتگردي جي خلاف جنگ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، دهشتگردي ۽ تشدد کي ڪو ٻيو نالو ڏنو ويندو آهي هاڻ انهي سوچ کان ٻاهر نڪري اچو.
سرفراز بگٽي چيو ته اسان انهن ماڻهن کي چونڊي چونڊي ماري سگهون ٿا. دهشتگردن جو ايترو وڏو تعداد ناهي، رياست سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو، خاموش تماشائي جو ڪردار ادا نه ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته شروعاتي ڄاڻ موجب اهو ڌماڪو آپگهاتي نه هو، آءِ اي ڊي جو هو پر اڳيان جاچ کان پوءِ وڌيڪ خبر پوندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language