welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت کي سندس ڏوهن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي

اسلام آباد:(جمعو 09 مئي 2025ع)پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڀارت کي ان جي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر، اسان پهلگام واقعي لاءِ پاڪستان تي لڳايل الزامن کي رد ڪريون ٿا ۽ ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري ڪالهه بريفنگ ۾ پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا، ڀارت کي پنهنجو رڪارڊ درست ڪرڻ گهرجي، پاڪستان نيڪ نيتي سان پهلگام واقعي جي غير جانبدار بين الاقوامي جاچ جي آڇ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ممبئي حملن ۽ پٺاڻ ڪوٽ ڪيس جو فيصلو ڀارتي هٻڪ سبب مڪمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ 40 پاڪستانين جي قتل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو، ۽ مطالبو ڪيو ته ڀارت کي ان جي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي. شفقت علي خان وڌيڪ چيو ته ڇا ڪنهن ملڪ کي سوشل ميڊيا جي بنياد تي حملو ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي؟ هندستان جو جنگي جنون امن لاءِ خطرو آهي. ٻين ملڪن ۾ هندستان جي ڊيٿ اسڪواڊ بابت هر ڪو ڄاڻي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي ڀارت جي عالمي معاهدن جي نظراندازي جي علامت آهي. سنڌو پاڻي معاهدو ٻه طرفي معاهدو نه پر هڪ بين الاقوامي معاهدو آهي. علاوہ ازایں اس سے قبل ترجمان دفتر خارجہ نے ایک بیان میں بتایا کہ برطانوی وزیرخارجہ ڈیوڈ لیمی نے نائب وزیراعظم اسحاق ڈارکو ٹیلی فون کیا جس دوران اسحاق ڈار نے بھارت کی بلااشتعال جارحیت سے متعلق برطانوی وزیر کو آگاہ کیا۔ اسحاق ڈار نے برطانوی وزیر خارجہ کو بتایا کہ بھارتی حملوں میں معصوم خواتین، بچے اور بزرگ شہید ہوئے، پاکستان نےبین الاقوامی قوانین اور یواین چارٹر کی خلاف ورزی پر صبر کا مظاہرہ کیا مگر پاکستان اپنی خودمختاری اور علاقائی سالمیت کےدفاع کےلیے پرعزم ہے۔

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے