اسلام آباد:(خميس 29 مئي 2025ع)نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ملڪ ۾ امڪاني خراب موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، نئين موسمياتي سسٽم تحت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ ڳڙي ۽ شديد برساتن جو امڪان آهي. خاص طور تي اڄ شام 6 وڳي کان رات 11 هين وڳي تائين اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ انڌاري، تيز برسات ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
خيبرپختونخوا جي ضلعن پشاور، چارسده، صوابي ۽ مردان سميت اتر پنجاب ۽ ڏکڻ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به طوفاني برسات، انڌاري ۽ ڳڙي جا امڪان آهن.
ڏکڻ پنجاب جي ضلعن رحيم يار خان ۽ صادق آباد ۾ به سخت طوفان ۽ برسات جو امڪان آهي.
ان کان کانسواءِ آزاد ڪشمير جي مظفر آباد ۽ نيلم ماٿري سميت جابلو علائقن ۾ به تيز برسات، انڌاري ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي خبردار رهڻ ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته شهرين کي به غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language