ڪراچي:(خميس 29 مئي 2025ع)سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موري ۾ پرامن احتجاج نه ٿيو هو، هٿياربندن سري عام فائرنگ ڪئي ۽ گوليون هلايون جيڪي وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڏسي سگهجن ٿيون.
ضياءَ لنجار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ٻن ماڻهن کي ڪلاشنڪوف هٿ ۾ کنيل ڏسي سگهجي ٿي جيڪي فائرنگ ڪري رهيا هئا ۽ ماڻهن کي ماري رهيا هئا.
صحافي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن کي هٿيار کنيل هئا انهن ۾ عرفان لغاري به شامل هو ۽ عرفان لغاري کي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف کنيل هئي.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته توهان هٿياربند ماڻهن کي معصوم سمجهو ٿا، ماڻهو ماريندڙ معصوم نٿا ٿي سگهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو کنڀيا ويا آهن انهن بابت پابندي مڙهيل تنظيم بيان ۾ چيو آهي ته اهي انهن جا ورڪر آهن، جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪي به نتيجا نڪتا ثابتي سان اوهان جي اڳيان آندا ويندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language