
ملير:(آچر 18 مئي 2025ع)ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل فياض ناريجو جو ڏهن ڏينهن بعد ميڊيڪل بورڊ پاران پوسٽ مارٽم: تشدد جي تصديق: لاش جي ٽنڊو مستي ۾ تدفين، ان ڏس ۾ اسٽيل ٽائون پوليس پاران ڦورو ڄاڻائي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان فياض ناريجو جو 10 ڏينهن بعد جوڊيشل مئجسٽريٽ 2 ملير جي نگراني ۾ چار رڪني ميڊيڪل بورڊ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ٽنڊي مستي ۾ تدفين ڪئي وئي، هوڏانهن اسٽيل ٽائون پوليس فلٽر پلانٽ ويجهو فياض ناريجو کي مقابلي ۾ مارڻ ۽ سندس قبضي مان رپيٽر هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، پوليس ڄاڻايو هو ته فياض ناريجو گلشن حديد ۾ ڦر دوران مزاحمت تان قتل ٿيل واپاري خان عالم واري واقعي ۾ ملوث هو، ٻئي طرف مقتول جي وارثن پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو هو ته ايس ايچ او علڻ عباسي نوجوان کي گهگهر مان پنهنجي دڪان تان کنڀي ٻن ڏينهن تائين بدترين تشدد ڪرڻ بعد ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو، نوجوان جي امڙ حول خاتون ملير جي عدالت ۾ پٽ کي کنڀڻ ۽ قتل ڪرڻ تان ايس ايچ او علڻ عباسي خلاف 2 درخواستون داخل ڪرايون هيون، عدالت ايس پي ڪمپلينٽ ملير، ايس ايچ او اسٽيل ٽائون سميت ٻين اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هوڏانهن ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل نثار ناريجو پنهجي اخبار کي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ سڀاڻي سومر تي ايندي، ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل ڊاڪٽرن موجب فياض جي موت جو ڪارڻ تشدد آھي، هن چيو ته پوليس مقابلي کان 4کان 6ڪلاڪ اڳ پوليس ڪسٽڊي ۾ فياض جو موت واقع ٿيو، ڊاڪٽرن موجب فياض جي جسم تي تشدد جا نشان هئا، ڄنگهن جون ڍڪڻيون پڻ ڀڳل هيون
0 تبصرے
Do not use vulgar language