welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ سون وري هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي:(اڱارو 06 مئي 2025ع)ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جتي اڄ به هزارين رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسئيشن موجب، اڄ في تولو سون 6 هزار 100 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 56 هزار رپين کان به وڌي پهچي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 5 هزار 232 رپين جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ 3 لک 5 هزار 300 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي، جتي في اونس سون 61 ڊالر اضافي سان 3 هزار 377 ڊالر تي پهچي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے