لوروم:(خمیس 15 مئي 2025ع)آفريقي ملڪ برڪينا فاسو جي اترين صوبي لوروم ۾ هڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 60 فوجي مارجي ويا.
بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، برڪينا فاسو جي انٽيليجنس گروپ چيو آهي ته القاعده سان لاڳاپيل گروپ جي اين آءِ ايم لورم صوبي ۾ هڪ فوجي پوسٽ تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ دهشتگرد واقعن جي نگراني ڪندڙ آمريڪي ايجنسي چيو آهي ته گروپ ان حوالي سان پيغام پوسٽ ڪيا آهن، جن ۾ هو برڪينا فاسو ۽ مالي ۾ ٿيندڙ واقعن جي ذميواري قبول ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برڪينا فاسو جي حڪومت تازين حملن جو ڪو به جواب نه ڏنو آهي. هڪ وڊيو پيغام ۾، دهشتگرد گروپ اتر برڪينا فاسو جي ڊي جيبو علائقي جي شهرين کي پنهنجي حفاظت لاءِ علائقو ڇڏڻ لاءِ چيو، جڏهن ته ساڳئي گروپ پاران ٻين علائقن ۾ به حملا ڪيا ويا آهن.
سيڪيورٽي فورسز چيو ته جيبو ۾ هڪ فوجي اڏي تي صبح جو سوير حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ پوليس اسٽيشن ۽ هڪ مارڪيٽ کي به نشانو بڻايو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language