خوشاب:(سومر 26 مئي 2025ع)ڏوهه ننڍو هجي يا وڏو، ڪيس ضرور داخل ٿيندو ۽ پوليس به ڪارروائي ڪندي.
پنجاب جي خوشاب ضلعي ۾ پوليس 500 رپين جي ماليت جي ٿڌي مشروب جي بوتلن جي چوري جو ڪيس داخل ڪيو آهي.
پوليس موجب، اسلام پوره عيد گاهه پاڙي ۾ هڪ دڪاندار ون فائيو تي پوليس کي فون ڪري ٻڌايو ته سندس دڪان مان چار ٿڌي مشروبات جون بوتلون چوري ٿي ويون آهن، جنهن کان پوءِ پوليس هڪ نامعلوم چور خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ چور کي ڳولڻ لاءِ هڪ اي ايس آءِ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو.
ياد رهي ته پوليس خوشاب ۾ اڳ ۾ هڪ هزار رپين جي جوتن ۽ 3 هزار رپين جي گدرن جي چوري جا ڪيس داخل ڪري چڪي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهه ننڍو هجي يا وڏو، ڪيس ضرور داخل ڪيو ويندو ۽ چور کي به گرفتار ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language