اسلام آباد:(جمعو 30 مئي 2025ع)حڪومت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 36 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت هڪ اقتصادي آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت هن سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 36.7 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، جڏهن ته مالي خسارو گهٽجي 2.6 سيڪڙو ٿي ويو آهي.
رپورٽ موجب، آئي ٽي برآمدات سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ برآمدات ۾ 21.1 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته آٽو موبائيل شعبي ۾ 95.8 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب، درآمدات ۾ 11.8 سيڪڙو وڌيڪ واڌ ٿي آهي ۽ واپاري خسارو 21.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اپريل ۾ افراط زر گهٽجي 0.3 سيڪڙو ٿي ويو آهي.
رپورٽ موجب، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ قيمتون وڌنديون رهيون، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريبن ۾ 409.4 ارب رپيا ورهايا ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language