اسلام آباد:(خمیس 15 مئي 2025ع)قومي اقتصادي ڪائونسل (ايڪنڪ) 355 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي نو ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني آهي.
قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايڪنڪ 355 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي 9 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني. اهي منصوبا ٽرانسپورٽ، توانائي، تعليم، پاڻي، واپار، سياحت ۽ قدرتي آفتن کان پوءِ بحالي جي شعبن ۾ آهن.
ان کان علاوه، خيبرپختونخواهه ۾ ڳوٺاڻن رابطن جي رستن ۽ سياحت جي بهتري سان لاڳاپيل هڪ منصوبي جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ايف بي آر جي ڪسٽم ڊجيٽل انفورسمينٽ اسٽيشنن جي قيام ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي ترقي جو منصوبو پڻ منظور ڪيو ويو آهي.
اعلان موجب، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ تعليم سان لاڳاپيل منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪوئيٽا ۾ منگي ڊيم، پاڻي جي منتقلي جو نظام، 100 ڊيزل-اليڪٽرڪ لوڪوموٽوز جي مرمت، اسلام آباد ۽ برهان ۾ ٽرانسميشن سسٽم کي مضبوط ڪرڻ، ۽ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي به اصولي منظوري ڏني وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language