
ڪراچي:(اربع 07 مئي 2025ع)سنڌ ۾ يارهين ٻارهين درجي جي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم لڳل آهي، مختلف جاين تي ڇاپن ۾ 30 ڄڻا ڪاپي ڪيس ڪيا ويا، جڏهن ته شديد گرمي ۾ بجلي بند، 8 شاگرد بيهوش، 20 بيحال ٿي ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ يارهين ٻارهين جي امتحان دوران سائنس، جنرل، ڪامرس ۽ هومينٽيز گروپ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٻارهين درجي جي رياضي ۽ زولاجي سميت ٻين سبجيڪٽن جا امتحان ڏنا، تعليمي بورڊ حيدرآباد ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي امتحان لاءِ مجموعي طور هڪ لک 29 هزار 904 اميدوار امتحان لاءِ رجسٽرڊ ٿيل آهن، جن ۾ يارهين ڪلاس جا 64 هزار 503 ۽ ٻارهين ڪلاس جا 65 هزار 401 اميدوار شامل آهن، تعليمي بورڊ حيدرآباد طرفان حيدرآباد ڊويزن ۾ مجموعي طور 214 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، امتحانن دوران حيدرآباد ۾ قائم ڪيل امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل آهي، شاگرد ۽ شاگردياڻيون موبائيل سان گڏ ٻين طريقن سان ڪاپي ڪرڻ ۾ رڌل آهن، امتحانن جي نگراني لاءِ 32 ويجيلنس ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي به صرف دورن تائين محدود بڻيل آهن، امتحاني سينٽرن تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف مختلف سينٽرن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سبب امتحان ڏيندڙ اميدوار سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، سخت گرمي ۾ اميدوار امتحان ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن. هوڏانهن سنگرار ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعتن جا سالياني امتحان هائير سيڪنڊري اسڪول سنگرار ۾ قائم ڪيل امتحاني سينٽر ۾ صبح جي شفٽ ۾ يارهين جماعت جو پيپر ورتو ويو، جڏهن ته ٻي شفٽ ۾ ٻارهين جماعت جو پيپر ورتو ويو.امتحانن ۾ مجموعي طور تي 100 شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيا آهن. ٻئي پاسي خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر فياض حسين راهوجو، اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي دريا خان چانڊيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو جا ضلعي جي مختلف امتحاني مرڪزن تي ڇاپا، 30 کان وڌيڪ شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪندي سندن موبائل فون ضبط ڪيا ويا. جڏهن ته ميھڙ ۾ يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي سالياني پيپرن دوران سخت گرمي ۽ سيپڪو پاران ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب امتحاني سينٽر ميھڙ ڊگري ڪاليج، قاضي عارف ، گرلس ڪاليج سميت ميھڙ تعلقي جي مختلف ڪاليجن ۾ 8 کان وڌيڪ شاگرد بيھوش ۽ 20 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حالت خراب ٿي وئي. بيھوش ٿي ويل شاگردن ۾ محمد فضل، غلام مصطفي ،وسيم ، ياسين ، عبدالرسول ۽ ٻيا شامل آھن جڏھن ته شاگردن جي بيھوش ۽ حالت خراب ٿيڻ جي اطلاع تي ميھڙ تعلقي اسپتال جي ميڊيڪل آفيسرن جي ٽيم ڊاڪٽر خالد بروھي ۽ ٻين امتحاني سينٽرن تي پھچي شاگردن جو چيڪ اپ ڪري فرسٽ ايڊ ڏني وئي ڊاڪٽر موجب سخت گرمي سبب شاگردن جي بلڊپريشر گھٽجي وڃڻ سبب حالت خراب ٿي وئي ھئي. ڪاليج جي شاگردن مبين احمد، سرفراز علي ، فرحان احمد، نور محمد ۽ ٻين چيو ته امتحاني پيپرن دوران سيپڪو وارا بجلي بند ڪن ٿا، جنھن سبب امتحاني مرڪزن ۾ سخت گرمي ھجڻ ڪري شاگرد بيھوش ٿي وڃن ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته پيپرن دوران بجلي بحال ڪري ڪاليجن ۾ ٿڌي پاڻي سميت ٻيون سھولتون ڏئي شاگردن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي طرف تعلقي اسپتال ميھڙ جي ايم ايس ڊاڪٽر گووندا ڀوڄواڻي موجب ڊگري ڪاليج سميت مختلف ڪاليجن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن جتي ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملي کي مقرر ڪيو ويو آھي. هوڏانهن قمبر ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، شاگردن لاءِ ڊگري ڪاليج ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو، جڏهن ته شاگردياڻين لاءِ گرلس هاءِ اسڪول ۾ امتحاني سينٽر قائم ڪيو ويو، لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگرانيءَ ۾ ٻارهين جماعت جي سنڌي جو پرچو ورتو ويو، وقت سواليه پيپر اميدوارن جي هٿن ۾ اچڻ شرط اميدوار پابندي باوجود موبائيل فون، گائيڊن ۽ ڪاپي جي مواد جي ذريعي سرعام انويجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ سواليه پيپر حل ڪندي نظر آيا، ڪجهه امتحاني سينٽرن ۾ بجلي جي اکٻوٽ جاري رهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language