ڪولمبو:(آچر 11 مئي 2025ع)سريلنڪا ۾ هڪ مسافر بس هڪ افسوسناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ چوڏهن زخمي ٿي پيا.
سريلنڪن پوليس اختيارين موجب، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڊرائيور ڪوٽمالي جي جبل واري علائقي ۾ بس تي ضابطو وڃائي ڇڏيو ۽ هڪ گهري کاهي ۾ ڪري پئي.
سريلنڪن پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته حادثي جي سببن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي، جڏهن ته امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
سريلنڪن اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ آهي، جنهن ڪري موت جي تعداد ۾ واڌ جو خطرو وڌي ويو آهي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته سريلنڪا ۾ جبلن جي رستن کي حادثن جو خطرو سمجهيو ويندو آهي، ۽ اهڙا واقعا ماضي ۾ به ٿيا آهن. اختيارين مسافرن کي احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ سريلنڪا ۾ هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو هو. بدقسمت هيلي ڪاپٽر ۾ 12 کان وڌيڪ اهلڪار ۽ آفيسر سوار هئا.
سريلنڪن هوائي فوج جي ترجمان موجب، حادثي ۾ ڇهه ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته باقي ڇهه ماڻهن کي بچايو ويو ۽ اسپتال پهچايو ويو. جڏهن ته، ان سلسلي ۾ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language