ڪراچي:(جمعو 30 مئي 2025ع)ڪراچي ۾ ٽرالرن سان ٿيندڙ ٻن الڳ الڳ حادثن ۾ ٻن عورتن سميت ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.
ميڊيا مطابق، موٽر وي ايم 9 تي هڪ ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ ٻه عورتون مارجي ويون ۽ هڪ مرد ۽ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا.
ڪراچي جي بلديا ٽائون نمبر 2 ۾ ٽرالر سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ هڪ مسافر، جنهن جي سڃاڻپ دائود جي نالي سان ٿي، مارجي ويو.
پوليس موجب، واقعي کانپوءِ ٽريلر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ٽريلر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language