welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پختونخواهه ۾ نئون اسڪينڊل، سرڪاري ادائيگين ذريعي 16.5 ارب رپيا ڪڍڻ جو انڪشاف

پشاور:(آچر 18 مئي 2025ع)خيبرپختونخواهه ۾ 40 ارب رپين جي ڪوهستان اسڪينڊل کان پوءِ هڪ ٻيو وڏو انڪشاف سامهون آيو آهي. هڪ نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته خيبر پختونخواه جي اڪائونٽنٽ جنرل آفيسن 2016 ۽ اپريل 2025 جي وچ ۾ پبلڪ ورڪس هيڊ G10113 کان 92 ضلعن ۾ 16.54 ارب رپين جي وڌيڪ ادائيگي ڪئي. ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس (سي جي اي) فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته اهو معاملو صوبي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مالي اسڪينڊل بڻجي رهيو آهي، جنهن ۾ شڪي پئسن جي ڪل رقم 56.5 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي. نئين اسڪينڊل ۾، سي اينڊ ڊبليو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ۽ آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان اضافي فنڊ ڪڍيا ويا. سي جي اي پاران خيبر پختونخواهه جي اڪائونٽنٽ جنرل کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته مالي ڊيٽا جي تفصيلي نظام تي ٻڌل جائزي کان پوءِ، اهو ظاهر ٿيو ته خيبر پختونخواهه ۾ غير معمولي ۽ ضرورت کان وڌيڪ ادائيگيون ڪيون ويون آهن. 2016 کان اپريل 2025 تائين پبلڪ ورڪس هيڊ G10113 تحت ڪل 163.13 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، جڏهن ته هن اڪائونٽ ۾ ڪريڊٽ 146.59 ارب رپيا هو، جنهن جي نتيجي ۾ 29 ضلعن ۾ 16.54 ارب رپين جي اوور پيمنٽ ٿي. سي جي اي اڪائونٽنٽ جنرل خيبر پختونخوا کي هدايت ڪئي آهي ته هو انڪوائري مڪمل ڪري ۽ 20 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪري. ذريعن هن نمائندي کي ٻڌايو ته اختيارين هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن جاچ ڪري سگهجي ته وڌيڪ ادائيگيون ڪيئن ٿيون، ان جو ذميوار ڪير آهي، ۽ وصولي جا ڪهڙا طريقا هوندا. شروعاتي رپورٽ ۾ 29 ضلعي آفيسن ۾ واضح بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو، جنهن ۾ ڪجهه آفيسن ۾ ڪروڙين رپين جي اوور پيمنٽ ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اربين رپيا شامل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے