ڄامشورو:(اڱارو 06 مئي 2025ع)گذريل چار ڏينهن اڳ ڦورن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ڦورن جي گولي ۾ قتل ٿيل صحافي مير مرتضىٰ نوحاڻي جي معصوم ماروٽ سدره نوحاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو جي صدر عرفان برفت، مير مرتضيٰ نوحاڻي، حاجي خان سيال، مظهر عظيمي، سهيل جويو، رحيم بلوچ ۽ ٻين ڪئي.
مظاهري ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي قاتلن جي جلد گرفتاري جا نعرا هڻيا. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معصوم سدره نوحاڻي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.مظاهرين چتايو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي
0 تبصرے
Do not use vulgar language