ڪراچي:(اڱارو 06 مئي 2025ع)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي سينيٽ جي خالي ٿيل صوبائي سيٽ تان سينيٽر چونڊجي ويو آهي.
اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ پاران چونڊ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب وقار مهدي 111 ووٽن سان ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار نگهت مرزا کي 36 ووٽ مليا.
اليڪشن ڪمشنر ٻڌايو ته 2 ووٽ غلط مارڪنگ سبب رد ڪيا ويا.
ياد رهي ته هيءَ سيٽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي، جڏهن ته وقار مهدي ان کان اڳ به سينيٽ جو ميمبر رهي چڪو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language