نيويارڪ:(آچر 18 مئي 2025ع)آمريڪي رسالي جو چوڻ آهي ته چين جو جي-10 فائٽر جيٽ ايف-16 جهازن جي آمريڪي برآمدات لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو.
آمريڪي ميگزين نيشنل انٽريسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازي تڪرار ۾، چيني هٿيارن ۽ جنگي جهازن مغربي اميدن کان گهڻو وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
رپورٽ موجب، چين جو J-10 فائٽر جيٽ، جيڪو PL-15 هوا کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائلن سان ليس هو، هندستان جي شروعاتي اڳڀرائي کي مڪمل طور تي روڪڻ جي قابل هو.
آمريڪي رسالي جو چوڻ آهي ته چين هاڻي جي-10 کي آمريڪي ٺهيل جهاز 16-ايف جو حقيقي مقابلو ڪندڙ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن چيني ڪمپنيون آمريڪي ايف 16 جي وڪرو ۾ خلل وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته اهو آمريڪي دفاعي شعبي لاءِ هڪ وڏو ڌڪ هوندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language