نئي دھلي:(اڱارو 08 اپريل 2025ع)بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوامي ليگ جي صدر شيخ حسينه واجد سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي مستبقل جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شيخ حسينه واجد پنهنهنجي جذباتي گفتگو دوران چيو ته ” الله جيڪڏهن مون کي اڃا تائين جيئرو رکيو آهي ته ان جو ڪو نه ڪو ڪارڻ ضرور آهي.
اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد وڌيڪ چيو ته اُهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن اسان جي جماعت عوامي ليگ جي ڪارڪنن مٿان ظلم ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
شيخ حسينه واجد عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيوته معمولي قرض ڏئي وڏو منافعو کڻي پرڏيهه ۾ شاهاڻي زندگي گذاريندڙ شخص ڪڏهن به عوام جو خير خواهه نه ٿو ٿي سگهي.
ياد رهي ته شاگردن جي احتجاج ۽ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد سخت دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان فرار ٿي ڀارت هلي وئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language