ڪراچي:(اڱارو 08 اپريل 2025ع)گورنر هائوس سنڌ مان آءِ ٽي ڪورس ڪندڙ شاگردن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو امتحان به پاس ڪرڻو پوندو.
ڪراچي يونيورسٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سرٽيفڪيٽ لاءِ ڪجهه لازمي شرط پورا ڪرڻا پوندا.
ترجمان موجب ڪراچي يونيورسٽي ۽ گورنر هائوس وچ ۾ سرٽيفڪيٽ بابت معاهدو ٿيو پر عمل ناهي ٿيو، سرٽيفڪيٽ لاءِ رڳو ڪورس لازمي ناهي ڪجهه شرط به طئي ڪيا آهن.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي کي معاهدي تي عمل کان اڳ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي منظوري گهربل هوندي، اميدوار جي تعليم گهٽ ۾ گهٽ انٽر هئڻ گهرجي، ڪراچي يونيورسٽي اميدوار جي ٽيسٽ وٺندي، رڳو ٽيسٽ پاس اميدوار سرٽيفڪيٽ جي اهل هوندو.
ترجمان واضح ڪيو ته انٽر کان گهٽ تعليمي لياقت رکندڙ اميدوار کي سرٽيڪفيٽ جاري نه ڪيو ويندو.
ان کان اڳ گورنر هائوس چيو هو ته گورنر انيشيٽيو تحت آءِ ٽي ڪورسز تي سرٽيفڪيٽ ڪراچي يونيورسٽي جو ملندو، ان بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿي چڪيون آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language