لنڊن:(سومر 07 اپريل 2025ع)عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ 2 کان 3 سيڪڙو وڌيڪ گهٽتائي ٿي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ۽ هاڻي وڌيڪ 2 کان 3 سيڪڙو گهٽجي ويون آهن.
رپورٽ موجب قيمت ۾ گهٽتائي کان پوءِ برطانوي خام تيل برينٽ تيل 64 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو ۽ آمريڪي خام تيل ڊبليو ٽي تيل 60 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف، گئس جي عالمي قيمت 1.5 سيڪڙو گهٽجي 3.77 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language