welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي اعلان جنگ آھي، سڀئي سياسي پارٽيون ڀارتي ڪاررواين خلاف متحد ٿين

اسلام آباد:(جمعو 25 اپريل 2025ع)ملڪ جون سڀئي سياسي پارٽيون والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ پيش آيل واقعي کي جواز بڻائي ڀارت پاران ڪيل ڪارروائين خلاف متحد ٿي ويون آهن ۽ سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي کي جنگ جو اعلان قرار ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي مقام پهلگام ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 26 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. پهلگام ۾ سياحن تي حملي کانپوءِ، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀارت سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪرڻ ۽ اٽاري چيڪ پوسٽ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته سارڪ تحت پاڪستانين لاءِ ويزا معطل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ملڪ جون سڀئي سياسي پارٽيون ڀارتي ڪاررواين خلاف متحد ٿي وڃن. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته ڀارت ڪڏهن به پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. پي ٽي آءِ قوم ۽ پاڪستاني فوج سان گڏ متحد ۽ هڪ آواز سان بيٺي آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ڀارت پاران سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي کي جنگ جو اعلان قرار ڏنو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته اسان ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر طرح سان تيار آهيون. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني عالمي برادري کان ڀارتي ڪاررواين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته قوم هن معاملي تي متحد آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ڀارتي ڪاررواين جو مقصد عالمي ڌيان بدترين انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان هٽائڻ آهي. مسلم ليگ (ن) جي خواجه سعد رفيق چيو ته ڀارت سنڌو پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري خطي ۾ تڪرار کي هٿي ڏني آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي کليل جارحيت آهي، جنهن جو گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ان کان علاوه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊاڪٽر خالد مقبول چيو ته ڀارت خطي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، اسان پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺا آهيون. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته هو ملڪ جي بقا لاءِ غير مشروط طور تي حڪومت سان گڏ آهن. حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پگارا جو چوڻ آهي ته هن نازڪ موڙ تي، قوم ۽ حر جماعت هٿياربند فوج سان گڏ آهن، ۽ مادر وطن جو دفاع هر شيءِ تي ترجيح رکي ٿو. پاڻي روڪڻ جو ڀارتي قدم جنگي ڪارروائي هوندو: پاڪستان جو ڀارت کي جواب پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي پاڻي جي جارحيت ۽ ٻين قدمن جو سخت جواب ڏيندي، پاڪستان واگها بارڊر، هوائي حدون ۽ ڀارت سان هر قسم جو واپار بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پهلگام ۾ ڀارت جي فالس فليگ آپريشن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين صورتحال جو جائزو ورتو ويو. قومي سلامتي ڪميٽي سنڌو پاڻي معاهدي جي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني ملڪيت واري پاڻي جو وهڪرو روڪيو ويو ته ان کي جنگ جو عمل سمجهيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے