welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران پاڪستان لاءِ 330 ملين ڊالر جي اضافي امداد جو اعلان

اسلام آباد:(جمعو 25 اپريل 2025ع)ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي پروگرام لاءِ 330 ملين ڊالر جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو آهي. بينڪ موجب، نئين مالي مدد سان پاڪستان ۾ 9.3 ملين ماڻهن کي فائدو ٿيندو، جن ۾ غريب عورتون ۽ انهن جا خاندان شامل آهن. ايشيائي ترقياتي بينڪ جو چوڻ آهي ته مالي مدد تحت، مشروط پئسا ٻارن ۽ نوجوانن کي تعليم لاءِ منتقل ڪيا ويندا، ۽ آفت متاثر علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ صحت ۽ غذائيت تائين رسائي وڌائي ويندي. سالياني رپورٽ جاري ڪندي، بينڪ وڌيڪ چيو ته پاڪستان، افغانستان ۽ ڪرغزستان جهڙا ملڪ اڃا تائين سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن ۾ غربت ۽ بنيادي سهولتن تائين محدود رسائي شامل آهن. ٻئي طرف، وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر ماساتو ڪانڊا سان ملاقات ڪئي ۽ پانڊا بانڊز جي جاري ڪرڻ لاءِ جزوي ڪريڊٽ گارنٽي فراهم ڪرڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے