welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ريفائنريز کي به پيٽروليم شين تي مليل رليف ڏيڻ جو امڪان

اسلام آباد:(سومر 14 اپريل 2025ع)حڪومت 16 اپريل کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ريفائنريز کي ڪجهه رليف پڻ ڏيندي. آئل ريفائنريز کي هي رليف پيٽروليم شين تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ، غير ٽيڪس نقصان، ۽ گهٽجندڙ مارجن جي صورت ۾ هوندو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ريفائنريز کي 13 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ۽ جيڪڏهن مناسب اپاءَ نه ورتا ويا ته اهي نقصان 18 ارب رپين تائين وڌي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ ٻه تجويزون غور هيٺ آهن، هڪ اها ته 4.60 رپيا في ليٽر رليف کي ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن (IFEM) رليف ۾ منتقل ڪيو وڃي يا پيٽروليم شين تي 3 کان 5 سيڪڙو رليف ريفائنريز کي ڏنو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے