ڍاڪا:(آچر 13 اپريل 2025ع)بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جو هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو.
تفصيل موجب، ڇنڇر ڏينهن ڍاڪا جي سهروردي پارڪ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن فلسطينين سان يڪجهتي ۽ غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، مظاهري ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن فلسطيني جهنڊا کڻي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ٻئي طرف، اسرائيلي فوج غزه جي رفح علائقي تي قبضو ڪري ورتو، ان کي سيڪيورٽي زون قرار ڏنو، ۽ علائقي جو گهيرو ڪري ڇڏيو، رفح کي غزه جي پٽي کان الڳ ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، خان يونس، المواسي ڪيمپ، شجاعيه ۽ بيت لاهيا تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ ڪالهه 20 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language