welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ۽ آمريڪا فلسطينين جي قتل عام ۾ برابر جا شريڪ آهن: حافظ نعيم

ملتان:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آمريڪا جو اسرائيل جي سر ۾ هٿ آهي ۽ هو فلسطينين جي قتل عام ۾ برابر جو شريڪ آهي. ملتان جي ڪچيري چوڪ تي غزه مارچ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته فلسطين جي عوام عالمي طاقتن سان منهن ڏئي رهي آهي، ۽ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ 20 تاريخ تي ٿيندو. هن چيو ته هو حڪمرانن ۽ مخالف ڌر کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته آمريڪا ڪنهن جو به ناهي، آمريڪا سڀني کي استعمال ڪري ٿو ۽ اڇلائي ڇڏي ٿو. جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو اسرائيل جي سر ۾ هٿ آهي ۽ هو فلسطينين جي قتل عام ۾ برابر جو شريڪ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے