welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ارشد چاءِ واري جي پاڪستاني شهريت، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ٿيڻ تي سوال اٿاريا ويا

راولپنڊي:(اربع 09 اپريل 2025ع)چانهه وڪرو ڪندڙ جي نالي سان مشهور ارشد خان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪيو ويو. ارشد خان، جيڪو 17 سالن جي عمر ۾ اسلام آباد جي هڪ بازار ۾ چانهه وڪڻندي جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ شهرت حاصل ڪئي، سندس پاڪستاني شهريت تي سوال اٿاريا آهن. نادرا ۽ پاسپورٽ اختيارين رشاد خان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ شهريت جو ثبوت فراهم نه ڪرڻ تي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. ارشد خان پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ خلاف ايڊووڪيٽ عمر اعجاز گيلاني جي ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ سان رابطو ڪيو آهي. درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ان کان 1978 کان اڳ جي رهائش جا ثبوت گهريا پيا وڃن، جنهن تي عدالت لاڳاپيل اختيارين کي رڪارڊ سميت 17 اپريل تي طلب ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے