welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ سون جي قيمت وڌيڪ گهٽجي وئي

ڪراچي:(سومر 28 اپريل 2025ع)ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ اڄ في تولو سون جي قيمت 1600 رپين جي گهٽتائي کان پوءِ 347,100 رپيا آهي. ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت به 1,368 رپين جي گهٽتائي کان پوءِ 297,582 رپيا آهي. ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 16 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 3,289 ڊالر في اونس آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے