
نئين دھلي:(جمعو 25 اپريل 2025ع)ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ حملي ۾ انٽيليجنس ناڪامين جو اعتراف ڪيو آهي.
اربع ڏينهن، گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي صدارت ۾ هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هندستاني حڪومت تازي پهلگام حملي ۾ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس جي ناڪامي جو اعتراف ڪيو.
گهرو وزير اميت شاهه کي اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ته پهلگام واقعو سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس جي ناڪامي هئي.
اجلاس دوران، مخالف ڌر جي پارٽين سيڪيورٽي قدمن جي ناڪامي بابت سوال اٿاريا ۽ حڪومت تي خراب سيڪيورٽي جي تنقيد ڪئي.
ان کان علاوه آل انڊيا اتحاد المسلمين جي اسد الدين اويسي پڻ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. هن سوال اٿاريو ته: هندستان سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪري ۽ درياهه جو رخ موڙي ايترو پاڻي ڪٿي ذخيرو ڪندو؟ جواب مليو ته ان جو بندوبست ڪيو ويندو.
ڪانگريس پهلگام حملي کي سيڪيورٽي ليپس قرار ڏنو
هندستان جي مخالف پارٽي ڪانگريس پهلگام حملي کي انٽيليجنس ناڪامي ۽ سيڪيورٽي جي کوٽ قرار ڏنو.
ڪانگريس جو چوڻ آهي ته پهلگام حملي ۾ انٽيليجنس ناڪامي ۽ سيڪيورٽي جي خامين جو هڪ جامع تجزيو ٿيڻ گهرجي. عوامي مفاد ۾ هن انٽيليجنس ناڪامي ۽ سيڪيورٽي جي کوٽ تي سوال اٿارڻ گهرجن.
ڪانگريس هن سيڪيورٽي ناڪامي جو ذميوار هندستان جي نريندر مودي حڪومت کي قرار ڏنو. ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي پڇيو ته پهلگام ۾ سيڪيورٽي ڇو نه هئي.
ڪشمير جي سياحتي مقام پهلگام ۾ فائرنگ جو واقعو
اڱاري ڏينهن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي مقام پهلگام ۾ نامعلوم حملي آورن جي فائرنگ ۾ 26 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
هندستاني اختيارين موجب، مرڻ وارن ۾ ٻه پرڏيهي سياح ۽ هڪ هندستاني بحري آفيسر شامل آهن. پرڏيهي اٽلي ۽ اسرائيل کان آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language