welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊي الهيار ضلعي بار ڪائونسل پاران شاگردياڻين کي هراسان ڪندڙ جوابدار جو ڪيس نه وڙهڻ جو ٺهراءُ منظور

ٽنڊي الھيار:(آچر 13 اپريل 2025ع)ٽنڊي الهيار ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪندڙ جوابدار سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد سان گرفتار ٿي ويو. ضلعي بار ڪائونسل ڪالهه هڪ قرارداد منظور ڪئي ته جوابدار جو ڪيس نه وڙهجي. پوليس موجب، ٻه ڏينهن اڳ، جوابدار هڪ پاڙي ۾ گهٽي مان گذرندڙ ٻن شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ۽ انهن جو پيڇو ڪيو. ڇوڪرين جي رڙ ڪرڻ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪيو. ملزم کي ڪالهه 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي ميرپورخاص جيل منتقل ڪيو ويو. ضلعي بار ڪائونسل ڪالهه ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ جي واقعي تي جوابدار جي ڪيس کي نه وڙهڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے