لنڊن:(آچر 06 اپريل 2025ع)برطانوي ليبر پارٽي جي ايم پي ڊين نورس کي هڪ نابالغ سان زيادتي ۽ جنسي زيادتي جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، پوليس ڊين نورس جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ کيس هڪ نابالغ سان زيادتي ۽ جنسي زيادتي جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو.
پوليس موجب، ڊين نورس جي گهر تي ڇاپي دوران ڪجهه شيون به ضبط ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پارٽي طرفان کيس معطل به ڪيو ويو آهي.
ليبر پارٽي جي ترجمان چيو ته پوليس جي جاچ جاري آهي ۽ اهي وڌيڪ تبصرو نٿا ڪري سگهن.
ڊين نورس هڪ استاد ۽ ٻارن جي تحفظ جو آفيسر پڻ رهي چڪو آهي. سندس خلاف ڊسمبر 2024 ۾ هڪ شڪايت ملي هئي ۽ گهڻا واقعا 2020 جي ڏهاڪي ۾ ٿيا.
ياد رهي ته 65 سالن جي ڊين نورس 2024 ۾ نارٿ ايسٽ سومرسيٽ لاءِ ايم پي چونڊيو ويو هو. ڊين نورس هاءِ پروفائل ڪنزرويٽو ايم پي جيڪب ريس-موگ کي شڪست ڏني. ڊين نورس گورڊن براؤن جي ڪابينا ۾ هڪ جونيئر وزير پڻ رهي چڪو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language