ڪراچي:(سومر 28 اپريل 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وزيراعظم صوبائي حڪومت جي درخواست تي اڄ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس 2 مئي تي ٿيڻو هو، پر سنڌ حڪومت جي درخواست تي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اڄ شام اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو.
هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سنڌ جي طرفان سي سي آءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته بلاول ڀٽو ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪينالز جو مسئلو اڄ سي سي آءِ ۾ فيصلو ڪيو ويندو ۽ مسئلو حل ٿي ويندو. هن اڳ ۾ وفاقي حڪومت کان جلد سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته احتجاج جي ڪري رستا بند ٿيڻ سبب ماڻهن کي تمام گهڻين پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سامان جي آمدورفت بند ٿي وئي آهي، هاري ۽ واپاري پريشان آهن، جڏهن ته مال مويشي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهو رستا بند ٿيڻ سبب تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سينئر وزير چيو ته هو اسان جي مطالبي کي قبول ڪرڻ تي وزيراعظم جو شڪرگذار آهي. سنڌ حڪومت ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language