اسلام آباد:(اربع 23 اپريل 2025ع)پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ سياحن تي حملي تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيو آهي.
گذريل ڏينهن، والاريل ڪشمير جي اننت ناگ ضلعي جي سياحتي هنڌ پهلگا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن پرڏيهين سميت 26 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب، فوت ۽ زخمي ٿيندڙ سياحن مان گھڻا جو تعلق ڀارتي رياستن گجرات ۽ ڪرناٽڪ سان آهي.
والاريل وادي جي وڏي وزير عمر عبدالله واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي به فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. جڏهن ته، واقعي کان فوري پوءِ، هندستاني ميڊيا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي روايتي ضد جو مظاهرو ڪندي، بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳايو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ حملي ۾ سياحن جي موت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اننت ناگ ضلعي ۾ حملي ۾ سياحن جي موت تي ڳڻتي آهي.
پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اهي حملي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language