واشنگٽن:(آچر 06 اپريل 2025ع)آمريڪي پرڏيهي کاتي جا اعليٰ عملدار ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا.
ذريعن موجب، آمريڪي پرڏيهي کاتي جا اعليٰ عملدار ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا، جنهن جي اڳواڻي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن لاءِ سينئر اسسٽنٽ سيڪريٽري ايرڪ ميئر ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف آمريڪي ادارن جي عملدارن تي مشتمل هڪ وفد 8 کان 10 اپريل تائين اسلام آباد جو دورو ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري دوران پاڪ آمريڪا دهشتگردي خلاف تعاون وڌائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language