راولپنڊي:(اربع 23 اپريل 2025ع)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ايٽمي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ توازن ذريعي ممڪن آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ايرجنگ ٽيڪنالاجيز جي دور ۾ نيوڪليئر پروليفريشن جي عنوان سان هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ گڏيل قومن، روس، چين، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپي ادارن جي ماهرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ تعاون جي تسلسل تي يقين رکي ٿو، ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ايٽمي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ توازن ذريعي ممڪن آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، جنرل ساحر شمشاد مرزا چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل ڳالهين ۽ تعاون جي پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language